ڀاتکنڊي، وشنو نارائڻ

ڀاتکنڊي، وشنو نارائڻ

ڀاتکنڊي وشنو نارائ

ڀاتکنڊي، وشنو نارائڻ: وشنو نارائڻ ڀاتکنڊي، 10 آگسٽ 1860ع تي هڪ مراٺي خاندان ۾ جنم اشٽمي ڏڻ تي ممبئيءَ لڳ بالو ڪيشوار نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کيس ڪوڏ مان گجنن سڏيندا هئا. هن پونا ڪاليج مان 1885ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جو ڌنڌو شروع ڪـيو. ڪـجهه عرصـو ڪراچـيءَ جي هــاءِ ڪــورٽ ۾ بـه وڪـيل طــور ڪـم ڪيائيـن. ڪالـيج ۾ پـڙهڻ دوران ولڀ ڀائيءَ کان سِتار سکڻ شروع ڪيائين. ان کان پوءِ درپد راڳ، مشهـور گائـڪ رائو جبا کان سکيائين. راڳ جي سکيا کي جاري رکندي ٻين استادن کان به سکيا وٺندو رهيو. جن ۾ استاد علي حسين خان، استاد ولايت حسين خان ۽ بيل باگڪر جھڙا وقت جا نامور ڳائڻا شامل هئا. هن هندوستان جي ڏورانهن علائقن جو سفر ڪري راڳ بابت تحقيق پڻ ڪئي ۽ راڳ جي ڪيترن ئي استادن سان ملي ڀارت نٽيه شاستر، سنگيت رتناڪر ۽ قديم ڪتابن ۾ لکيل موسيقيءَ تي خيال ونڊيا. زال ۽ ڌيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ وڪالت ڇڏي موسيقيءَ جي تحقيق جو دائرو وسيع ڪيائين ۽ سڄي زندگي انهيءَ علم حاصل ڪرڻ ۽ ان تي تحقيق ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏيائين. هن جو پهريون ڪتاب ”سوار مليڪا“ نالي هڪ چوپڙيءَ جي صورت ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن انهن سڀني راڳڻين بابت احوال درج ڪيو، جيڪي ان وقت پوري هندوستان ۾ رائج هيون. ان کان پوءِ 1909ع ۾ سندس ڪتاب ”ملڪ ڇايا سنگيتم“ ڇپيو ۽ ساڳئي سال چئن حصن ۾ سندس مشهور ڪتاب ”هندوستاني سنگيت پڌا تي“ نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هن مختلف ٺاٺن کي، جن جو تعداد ڏهه هو، مختلف راڳڻين ۾ رکيو ۽ انهن جا سرگم، آروهيون ۽ امروهيون درج ڪري، انهن جي ڳائڻ جو وقت به مقرر ڪيو. اڄ تائين سندس جوڙيل ڪتاب ”هندوستاني سنگيت پڌاتي“ هندوستاني موسيقيءَ تي هڪ مستند ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران هن جي ملاقات سنڌ جي وڏي موسيقار غلام علي چاڳلا سان به ٿي هئي، جنهن هن ڪم ۾ سندس هٿ ونڊايو هو. هن جو اهو ڪارنامو به هو ته هن مختلف گھراڻن جي موسيقيءَ کي گڏ ڪري ڏهن ٺاٺن ۾ ورهائي عام سکڻ لاءِ سولو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ٺاڪر نواب علي خان سندس ڪتاب جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ”معلم النغمات“ جي نالي سان ڇپايو. فالج جي سخت حملي سبب 1936ع ۾ ڀاتکنڊيءَ جو ديهانت ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.08.10  عيسوي

وشنو نارائڻ ڀاتکنڊي ، 10 آگسٽ 1860ع تي ڄائو


1936.00.00  عيسوي

ڀاتکنڊيءَ جو ديهانت 1936ع ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضمير گهمرو بئريسٽر
شاهه وردي خان کرت
بلاول شاهه حسيني
پير علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
ضياء الدين احمد برني 2
آغا رفيق
ظفر لغاري
حسين هارون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون